اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي گهر واري ثمينه عارف علوي ??يو آهي ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ض??ورت آهي. اميد آهي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو کڻندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته الله تعاليٰ انسان کي تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪري ٿو، پنهنجن جذبن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هو مصوري، خطاطي، مجسمه سازي، ڊرائينگ، ناچ، موسيقي، ادب ۽ ٻين بي شمار ذريعا استعمال ڪري ٿو. هن ??يو ته فائن آرٽس ذريعي انسان پنهنجي خوبصورت جذبن جو اظهار بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هي تخليقي جذبن جو اهڙو اظهار آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ کي خوبصورتي ۽ خوشيءَ سان متعارف ڪرائين ٿا. هن ??يو ته فائن آرٽ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري زندگيءَ جي اهميت آهي، هي آرٽس انسان جي ارتقا ۽ تاريخ کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. آرٽ پنهنجي مختلف شڪلن ۾ قوم جي ڪلچر، ثقا??ت، سماجي قدرن ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ آهن. اسان جو اسلامي ڪلچر، ثقافت ۽ آرٽ شاندار روايتون رکندڙ آهي. اسلامي فن تعميرات ۽ خطاطي جا نمونا دنيا ۾ پنهنجي بهتر سُڃاڻپ رکن ٿا. هن ??يو ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ جي ض??ورت آهي. هن ??يو ته مون کي خوشي آهي ته ان نمائش ۾ سڄي پاڪستان جي فنڪارن جا فن پاره پيش ڪيا ويا آهن، اسان آرٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. بيگم ثمينه عارف علوي ??يو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ پڻ فنونِ لطيفه جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، فائن آرٽس پڻ ان ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي نَون صورتن ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن ??يو ته اسان جون ڪيتريون ئي يونيوسٽيون، ڪاليج ۽ ادارا آرٽ جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ض??ورت آهي. هن ??يو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ هي فنڪار سڄي دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان نمائش وانگر اهڙن فن پارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ض??ورت آهي، جن وٽ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو هُنر هوندو آهي، انهن وٽ فنڊز نه هوندا آهن ۽ اهڙيون نمائشون اهڙن فنڪارن کي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح جون نمائشون پاڪستاني فن ۽ دستڪاريءَ کي عاليمس طح تي مقبول بنائڻ ۽ پنهنجي هڪ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان موقعي تي هن نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ فن پاره ڏٺا ۽ مختلف مصورن جي فن پارن جي تعريف پڻ ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
میڈ منی کوسٹر سرکاری تفریحی داخلی راستہ
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Erdogan to address joint session today
-
Dar files defamation lawsuit against Imran Khan
-
SC resumes hearing of Tayyabas suo motu case
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین سرکاری ویب سائٹ - بڑے انعامات کے لیے سرکاری گیم
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین سرکاری ویب سائٹ - بڑے انعامات کے لیے سرکاری گیم
-
Green Chili Peppers کی سرکاری ویب سائٹ – تفریحی دنیا کا مرکز
-
Smurfs کے آفیشل گیم پلیٹ فارم کو ڈاؤن لوڈ کریں اور مزیدار ایڈونچر کا لطف اٹھائیں
-
منی ٹری آفیشل گیم پلیٹ فارم: کھیلوں کی دنیا میں نئی انقلاب
-
Tikigotti Integrity Entertainment Link کا تعارف اور اس کی خصوصیات
-
PT آن لائن ایماندار بیٹنگ ایپ: ایک محفوظ اور شفاف تجربہ